ذهني رانديون

ذهني رانديون: هي تعليم جو هڪ جديد طريقو آهي، جنهن موجب ٻار جي ذهني خوبين کي اڀارڻ مقصود هوندو آهي. هن قسم جي راند دوران ٻارن جي ذهني ڪمن جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي. ذهني راند جي قسمن کي ٻارن جي ذهني نشونما جي پهرين ٽن ڏاڪن (steps) جي مطابقت سان پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پوءِ سميرانڪسيءَ 1968ع ڌاري ترميم ڪندي ذهني راند جو چوٿون ڏاڪو به شامل ڪيو. سندس ذهني راند جي ڏاڪن کي ٻارن جي راند جي اڀياس ۽ ان کي سمجھڻ لاءِ وڏي پيماني تي هڪ مؤثر طريقو مڃيو ويو. پهرئين ڏاڪي جي عملي راند هيٺ ٻارن جي پيدائش کان وٺي تقريباً ٻن سالن جي عمر تائين مشڪن جي سادي ۽ بار بار جسماني مهارتن جي نشونما ٿيندي آهي. ٻئي ڏاڪي جي راند ۾ پنڌ سکندڙ ٻارن جي مشڪن جي چرپر جي مشق ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن راند ذريعي ٻار جي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين وڃڻ لاءِ مشڪن جي چرپر ضروري هوندي آهي.
سميرانسڪيءَ موجب ٻن کان ٽن سالن جي عمر جا ٻار بنيادي طور تعميراتي راند ڪندا آهن. هن راند جي خصوصيت اها آهي ته ٻار هن راند وسيلي موجود سامان مان ڪا شيءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ننڍڙين تعميرن جي شروعات ڪندا آهن. انهن مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ ٻار جڏهن ذهني نشونما جي ’پري آپريشنل دؤر‘ ۾ داخل ٿيندو آهي ته سندس ترجيح ڊرامائي راند هوندي آهي. هن راند لاءِ ٻارن جي عمر جي حد ٽن کان ستن سالن جي وچ ۾ ڄاڻائي وئي آهي. هن راند ۾ ٻار گھڻو ڪري وڏن جي عملن کي هوبهو نقل ڪن ٿا. پنهنجن هم عمرن سان کيڏڻ وقت راند جي تسلسل کي ذهن ۾ آڻڻ لاءِ کين چڱي ذهني مهارت ڪتب آڻڻي پوي ٿي. ماهرن موجب، راند جو هي قسم ٻارن جي تعليمي سکيا جي بنياد طور ڏاڍو اهم آهي. ستن سالن جي عمر کانپوءِ ٻار Concrete Operation واري ڏاڪي ۾ پير پائين ٿا. هن قسم جي راندين ۾ ٻار راند جي قاعدن تي مجموعي طور متفق ٿين ٿا ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙيءَ ڪرڻ تي هڪٻئي تي ڏنڊ وجھن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو